صدر اجلاس نه گهرايو ته 29 فيبروري تي اسپيڪر پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو: اسحاق ڊار

news-details

لاهور: (آچر: 25 فيبروري 2024ع)  مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر عارف علوي سمري تي اجلاس نه گهرايو ته 29 فيبروري تي اسپيڪر آئيني طور تي پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو.


پنجاب اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آئين ۾ چٽو لکيل آهي ته جيڪڏهن سمري تي اجلاس نه گهرايو ويو ته 21هين ڏينهن اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي ۽ آئيني 21 ڏينهن جي مهلت جي حساب سان 29 فيبروري آخري تاريخ بڻجي ٿي.


هن چيو ته صوبن ۾ به جيڪڏهن گورنر اجلاس نٿا گهرائين ته اتي به اهوئي اصول لاڳو هوندو. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيوته معيشت ۾ ڪيئن سڌارو آڻي سگهجي ٿو. هن جڳهه تي ان جي باري ۾ نٿو ڳالهائي سگهان.