پ پ يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news-details

اسلام آباد: (آچر: 25 فيبروري 2024ع) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽر يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.


ذريعن موجب پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلاني کي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. يوسف رضا گيلاني جي ويجهن ساٿين چيو آهي ته اهو قومي اسيمبلي جو حصو رهڻ چاهي ٿو.


پارٽي ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي سيٽ ڇڏي ته ان تي ٻيهر پارٽي جو سينيٽر چونڊجي نه سگهندو. قومي اسيمبلي جي نسبت سينيٽ جي سيٽ پارٽي لاءِ اهم آهي.


ياد رهي ته يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان سينيٽر چونڊجو هو. ان جو اڃان تائين 3 سالن جو مدو رهي ٿو. سينيٽ چيئرمين بنجڻ جي صورت ۾ اهو قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي ڏيندو.


گذريل ڏينهن وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا. ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ ڊپٽي چيئرمين(ن) ليگ جو هوندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر(ن) ليگ ۽ ڊپٽي اسپيڪر پيپلز پارٽي جو هوندو.