آصف زرداري سان بلوچستان اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات، حڪومت سازي تي ڳالهيون

news-details

ڪراچي: (آچر: 25 فيبروري 2024ع) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن ملاقات ڪئي آهي.


بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن زرداري هائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران بلوچستان ۾ حڪومت سازي تي ڳالهيون ڪيون ويون. جنهن ۾ ايم پي اي عبدالمجيد باديني به شرڪت ڪئي.


ملاقات جي دوران سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن حڪومت سازي ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪيو.


ياد رهي ته بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس 28 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي، نئين اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس ٻنپهرن جو 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اسپيڪر نون چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺندو.