مڪيش امباني جي ڌيءَ جي شادي تي 500 طعامن سان گڏ مهمانن کي چارٽرڊ اڏامن جي آڇ

news-details

گجرات: (جمعو: 01 مارچ 2024ع) مڪيش امباني جي ڌيءَ جي شادي تي 500 طعامن سان گڏ مهمانن کي چارٽرڊ اڏامن جي آڇ ڪئي وئي.


ڀارتي رياست گجرات ۾ اڄ کان مڪيش امباني جي ڌيءَ جي شادي جون تقريبون شروع ٿي رهيون آهن جنهن ۾ دنيا جون امير ترين شخصيتون، ٽيڪنالاجي ڪمپني جا مالڪ، بالي ووڊ جا فنڪار ۽ پاپ گلوڪار شرڪت ڪندا.


تقريبن جي اڄ کان شروعات ٿي ويندي شادي جي مُک تقريب ڄام نگر ۾ ٿيندي جنهن ۾ 1200 مهمان شريڪ ٿيندا مهمانن جي لاءِ  سڄي دنيا مان ايندڙ 100 بورچي 500 کاڌا تيار ڪندا. امباني خاندان طرفان مهمانن کي نئين دهلي ۽ ممبئي کان اچڻ ۽ واپسي جي لاءِ چارٽرڊ اڏامن جي آڇ پڻ ڪئي وئي آهي مهمانن کي چيو ويو آهي ته هڪ جوڙو صرف 2 وڏا بيگ يا 3 سئوٽ ڪيسن تائين محدود رهي.


ياد رهي ته ٽيڪسٽائيل کان وٺي توانائي جي شعبي تائين پکڙيل ڪيترين ئي ڪمپنين تي ٻڌل ڀارتي گروپ ريلائنس جو 66 ورهين جو مالڪ مڪيش امباني ايشيا جي امير ترين شخصيت آهي.