ميرپور خاص ۾ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ سلامت علي لاکو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

news-details

ميرپور خاص: (جمعو: 01 مارچ 2024ع) ميرپور خاص ۾ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ ناليواري ٽرانسپورٽر ايڊووڪيٽ سلامت علي لاکو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل موڪلڻ واري عمل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاکا برادري ۽ ٽرانسپورٽرن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا.


ايڊووڪيٽ سلامت علي لاکو سندس ڀاءُ امانت علي لاکو، پُٽ سلطان لاکو، اسد لاکو ۽ ٻين مٿان ڪوڙا داخل ڪري جيل موڪلڻ واري عمل خلاف شهدادپور ۾ لاکا ويلفيئر ايسوسيئشن طرفان سهيل اختر لاکو، اوٻاوڙو ۾ اجمل لاکو، ٽنڊو ڄام ۾  جمن لاکو، سڪرنڊ ۾ وڏيرو شاهنواز لاکو، مريد شاخ ۾ غلام ياسين لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي.


احتجاجي مظاهرن دوران ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ميرپورخاص جي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ مشھور ٽرانسپورٽر ايڊووڪيٽ سلامت لاکو سندس ڀاءُ امانت لاکو سندس فرزند سلطان لاکو ۽ ساٿين مٿان ميرپورخاص پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفٿار ڪيو ويو سندن ڏوھ اهيو آ ته هن پي ايس 45 ميرپورخاص تي پيپلز پارٽي جي اميدوار آڏو اليڪشن وڙھيو چونڊ نتيجا اچڻ شرط سلامت لاکو ۽ ان جي ساٿين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا سندس گهر تي ڇاپو هنيو ويو چادر ۽ چاردرواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو هنن چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ اعليٰ حڪام کان گهر ڪئي ته ايڊووڪيٽ سلامت لاکو، امانت لاکو، سلطان لاکو ۽ ساٿين مٿان ڪوڙا ختم ڪري کين جلد آزاد ڪيو وڃي.