26 سالن کانپوءِ هيل رمضان المبارڪ سياري ۾ ٿيندو

news-details

ڪراچي: (جمعو: 01 مارچ 2024ع) سڄي دنيا جا مسلمان مارچ ۾ رمضان المبارڪ جي آجيان ڪندا ۽ هن سال رمضان 26 سالن کانپوءِ سياري ۾ اچي رهيو آهي.


فلڪي حساب سان سعودي عرب ۾ پهريون روزو 11 مارچ تي ٿيندو، جڏهن ته ملڪ ۾ سيارو 22 ڊسمبر کان شروع ٿيو ۽ 20 مارچ تائين رهندو.


ماهرن جو چوڻ آهي ته 2024ع کان رمضان المبارڪ سياري ۾ ايندو رهندو پر شروعاتي ٻن سالن تائين رمضان جو آخري حصو بهار جي مند ۾ هوندو.


ان کانپوءِ 2031 تائين رمضان المبارڪ سياري ۾ ٿيندو ۽ پوءِ 8 سالن تائين مطلب 2039ع تائين سرءُ جي مند ۾ ايندو.