بنگلاديش: ريسٽورينٽ ۾ باهه، 43 ماڻهو سڙي فوت

news-details

ڍاڪا: (جمعو: 01 مارچ 2024ع) بنگلاديشي راڄڌاني ڍاڪا جي هڪ ريسٽورينٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 43 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.


پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي صحت واري وزير سمانتا لال چيو آهي ته باهه ڍاڪا جي علائقي متمول ۾ برياني جي ريسٽورينٽ ۾ لڳي. باهه لڳڻ سبب 40 ڄڻا سڙي زخمي به ٿيا آهن جن علاج برن اسپتال ۾ جاري آهي.


فائر ڊپارٽمينٽ اختيارين موجب باهه برياني جي ريسٽورينٽ ۾ لڳي جنهن 7 ماڙ عمارت جي مٿين فلور کي به وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو. باهه ۾ ڦاٿل 75 ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. فائر فائٽرز 2 ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو.


باهه جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي. اختياري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.