سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

سکر: (جمعو: 01 مارچ 2024ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ”توهين مذهب“ ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل پروفيسر نوتن لال جي اپيل منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.


عدالت ٽرائل ڪورٽ جو عمر قيد جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.


سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي سينئر جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي عدالت پروفيسر نوتن لال جي ”توهين مذهب“ واري ڪيس ۾ اپيل تي فيصلو ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.


پروفيسر نوتن لال جو ڪيس سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ 4 مارچ جو هيرو ماما يوسف لغاري وڙهي رهيو هو.


2022ع ۾ ففٿ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سکر جي عدالت پاران پروفيسر نوتن لال کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.


2019ع ۾ ميرپورماٿيلو ۾ پروفيسر نوتن لال خلاف ”توهين مذهب“ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.


پروفيسر نوتن لال 2019ع کان سکر سينٽرل جيل ۾ قيد آهي.


پروفيسر نوتن لال کي توهين مذهب جي جڙتو ڪيس ۾ ناحق ڦاسائڻ خلاف ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا)، ڪئنيڊين سنڌي ايسوسيئيشن (ڪينسا)، انساني حقن جي عالمي تنظيمن پاران عالمي فورم تي پڻ آواز اٿاريو ويو هو.