بيرسٽر گوهر بنا مقابلي تحريڪ انصاف جو چيئرمين، عمر ايوب جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا

news-details

اسلام آباد: (آچر: 03 مارچ 2024ع)  بيرسٽر گوهر تحريڪ انصاف جو بنا مقابلي چيئرمين ۽ عمر ايوب جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا آهن.


اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو ته پارٽي چيئرمين لاءِ 3 اميدوارن جي درخواست قبول ڪئي هئي پر اشرف جبار ۽ اسلم پارٽي جي مفاد خاطر دستبردار ٿيا ۽ بيرسٽر گوهر بنا مقابلي چونڊجي ويو.


ان کان علاوه ياسمين راشد پي ٽي آءِ پنجاب، علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه ۽ حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر چونڊجي ويو آهي. بلوچستان ۾ پارٽي صدر جي لاءِ چونڊ ٿي رهي آهي جنهن جا نتيجا اچڻ تي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن جو اعلان ڪيو ويندو.