شهباز شريف ملڪ جو ٻيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجي ويو

news-details

اسلام آباد: (آچر: 03 مارچ 2024ع) قومي اسيمبلي(ن) ليگ جي صدر شهباز شريف کي پاڪستان جو نئون وزيراعطم چونڊي ڇڏيو.


اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ان سان گڏ نعريبازي به ٿيڻ لڳي.، سني اتحاد ڪائونسل ۽(ن) ليگ جا ميمبر آمهون سامهون ٿيا، چور چور ۽ جعلي مينڊيٽ نامنظور جا نعرا لڳايا ويا. جي يو آءِ(ف) طرفان چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب انهن طرفان ڪوبه ميمبر ايوان ۾ موجود نه هو. اختر مينگل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو.


ووٽنگ جي نتيجي ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ اتحادي پارٽي جي گڏيل اميدوار شهباز شريف وزيراعظم چونڊجي ويو کيس 201 ووٽ مليا جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب 90 ووٽ حاصل ڪيا.


مسلم ليگ(ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ(ق) شهباز شريف جي حمايت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب جي بلوچستان نيشنل پارٽي حمايت ڪئي.