بلوچستان مان گم ٿيلن جو معاملو لازمي حل ٿيڻ گهرجي: خواجه آصف

news-details

اسلام آباد: (آچر: 03 مارچ 2024ع) (ن) ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته بلوچستان  مان گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو لازمي حل ٿيڻ گهرجي.


خواجه آصف بلوچستان جي حوالي سان اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ هاڻ رواج تبديل ٿيڻ گهرجي. اتان گم ٿيلن جو مسئلو تمام وڏو آهي جنهن کي ضروري حل ٿيڻ گهرجي.


هن چيو ته 30-40 سالن کان اقتدار ۾  ويٺل بلوچن کي هاڻ عوام جو به سوچڻ گهرجي، بلوچستان ۾ اها به رسم آهي ته اتي وڏن ماڻهن پنهنجون ذاتي جيلون به ٺاهي ڇڏيون آهن جنهن ۾ ڪيترائي بي گناهه ماڻهو قيد آهن.


خواجه آصف وڌيڪ چيو ته مون کي ڪابينه جو ميمبر هجڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه جي خوشي آهي ته مون کي پارٽي قيادت پارليامينٽ جو اڳواڻ بنائي ڇڏيو آهي  علي امين گنڊاپور يا ڪنهن به وڏي وزير جي چوڻ تي 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن تي فوجداري ڪيس ختم نٿا ٿي سگهن.