سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس ٿي گذريو، نون صوبائي ۽ وفاقي اسيمبلي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظھار

news-details

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نون صوبائي ۽ وفاقي اسيمبلي ميمبرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪندي کين  مبارڪون ڏنيون ويون ۽ اميد ظاھر ڪئي وئي ته نئين حڪومت زراعت کي ترجيحي بنيادن تي آڻيندي ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪندي جتي زراعت پنهنجي بهتر سطح تي ڪم ڪري سگهي. اجلاس ۾ زراعت کي درپيش سڀ کان اهم موجوده چئلينجن کي اجاگر ڪندي ڪيترن ئي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.


اجلاس ۾مختلف ضلعن مان آيل آبادگارن پيداواري خرچن ۽ ڀاڻ جي اگھن ۾واڌ ۽ ان  جي وڪري ۾ بي ضابطگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ڀاڻ يوريا جي اگهه ۾ هر ٻئي مهيني واڌ ٿيندي رھي ٿي. گذريل 12 مهينن ۾ يوريا جي ٻوري جو اگھ 2900 روپيا في ٻوري مان وڌي 4649 ٿي ويو آھي، اهو وڌ کان وڌ ريٽيل اگھ آهي جنھن تي آبادگارن کي يوريا ملڻ گھرجي جنهن ۾ ڊيلرز جا سمورا خرچ ۽ منافعو به شامل آهي پر مذمت جوڳي ڳالھ اھا آهي ته انهن وڌيل اگهن تي به يوريا نه ملي رھيو آهي.


سنڌ آبادگار بورڊ  وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪمپنيون رات وچ ۾ اگهه وڌائين ٿيون ته ڊيلرز ۽ ڪمپنين وٽ وڏي مقدار ۾ موجود ڀاڻ تي اربين روپيا ڪمايا وڃن ٿا. ٻيو ته اگھن ۾ واڌ کان پوءِ به يوريا وڌ کان وڌ مقرر ٿيل ريٽيل اگھ کان مٿي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. گذريل ربيع جي پوکيءَ واري مند ۾ يوريا جو ايم آر پي اگھ 3650 روپيا هو، ان جي مقابلي ۾ آبادگار 4500 کان 5400 روپين جي اگھ تي في ٻوري خريد ڪندا رهيا. سنڌ آبادگار بورڊ جي ڪاٿي موجب رڳو گذريل ڇهن مهينن ۾ ايم آر پي ۾ شامل منافعي کان علاوه به 60 کان 70 ارب روپيا آبادگارن جي کيسن مان ڪڍيا ويا.


سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ان سڄي صورتحال مان ائين ٿو لڳي ته  ان ڦرلٽ لاءِ اھو دونھانٽيل ماحول ٺاھيو ويو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته يوريا جي اگھن کي ريگيولر ڪيو وڃي ۽ يوريا بزنس ۾ پنھنجي عملداري قائم ڪرائي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو تھ يوريا کان علاوه؛ ڊي اي پي، پوٽاش، جيت مار دوائون، ڊيزل، بجلي ۽ نيوٽرينٽس جا اگھھ پڻ لاڳيتو تيزيءَ سان وڌي رھيا آھن جن کي پڻ روڪڻ جي ضرورت آھي.  سنڌ آبادگار بورڊ قانون جي عملداريءَ ۾ ڪوتاھي جي مذمت ڪندي چيو تھ ان جي نتيجي ۾ آبادگارن سان گڏ عام صارفين ۽ معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي. ان ڪري نئين صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پيداواري شين جي اگھن  تي ڪنٽرول ڪري انھن کي مناسب سطح تي رکن.


سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو تھ معياري ۽ نج ٻج نھ ملڻ پيداوار کي وڌائڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. هڪ طرف ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ ۾ ڪمزوريون آھن تھ ٻئي طرف موجوده جين پول مان معياري ٻج جي دستيابي گهٽ ٿي رھي آھي جنھن سان پيداواري صلاحيت لاڳيتو گھٽ ٿي رهي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ سيڊ ايڪو سسٽم ۾ ڪارڪردگي پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف اھم اپائن جون تجويزون پڻ ڏنيون.