اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news-details

ملتان: (آچر: 03 مارچ 2024ع) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.


گيلاني هائوس جي ترجمان موجب يوسف رضا گيلاني سينيٽ چونڊن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.


گيلاني هائوس جي ترجمان ٻڌايو آهي ته نامزدگي ڪاغذ وڪيلن طرفان جمع ڪرايا ويا آهن پر يوسف رضا گيلاني جي خالي سيٽ تي چونڊون ڪير وڙهندو اهو فيصلو قيادت ڪندي.


ان کان اڳ اهي خبرون سامهون آيون هيون ته پيپلز پارٽي سينيٽر يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، يوسف رضا گيلاني جي ويجهن ماڻهن چيو هو ته اهو قومي اسيمبلي جو حصو رهڻ چاهي ٿو.


ياد رهي ته يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان سينيٽر چونڊجو آهي، ان جو اڃان تائين 3 سالن جو مدو رهي ٿو سينيٽ چيئرمين بنجڻ جي صورت ۾ اهو قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي ڏيندو.