دبئي: پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم ۽ سندس گهر واري جي ثانيه مرزا سان ملاقات

news-details

دبئي: (سومر: 04 مارچ 2024ع) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم پنهنجي گهر واري سان گڏ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا سان ملاقات ڪئي آهي.


عاطف اسلم هن وقت پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ دبئي ۾ موجود آهي جتي ان جو ڪنسرٽ منعقد ڪيو ويو، انهي ڪنسرٽ ۾ جتي گلوڪار جي مداحن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ته اتي ئي قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي اڳوڻي گهر واري ثانيه مرزا به انهي ڪنسرٽ جو حصو بڻجي.


گلوڪار جي گهر واري ساره بهروانه پنهنجي آفيشل انسٽاگرام جي اسٽوري ۾ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ انهي سان گڏ سندس مڙس عاطف اسلم ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به  موجود آهي. ساره بهروانه تصوير شيئر ڪندي لکيو  ته پنهنجي پسنديده ماڻهن سان گڏ.


عاطف اسلم جي گهر واري جي اها اسٽوري ثانيه مرزا به پنهنجي انسٽاگرام بينڊل تي شيئر ڪئي جنهن کان پوءِ هاڻ اها تصوير سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارم تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.