ازدواجي رشتي ۾ تذليل برداشت ڪرڻ کان بهتر آهي ته رشتو ختم ڪيو وڃي: نورين وقار

news-details

لاهور: (اربع: 06 مارچ 2024ع) پاڪستاني اداڪاره نورين وقار چيو آهي ته جيڪڏهن ڇوڪري کي ازدواجي رشتي ۾ تشدد ۽ تذليل برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي ته ان کان بهتر آهي ته اهو رشتو ئي ختم ڪيو وڃي.


تازو ئي  هڪ پوسٽ ڪاسٽ ۾ ڳالهيون ڪندي اداڪاره نورين وقار چيو ته مان ڇوڪرين جي ذهنيت جو ذميوار والدين کي قرار ڏيندس انهن کي پنهنجين ٻارڙين جي پرورش اهڙي ڪرڻ گهرجي  جو جيڪڏهن ڪير به کيس مارڪٽ ڪري يا عزت نه ڏئي ته انهي کي اهو حق هجي ته اها انهي رشتي کان ٻاهر نڪري سگهي.


اداڪاره چيو ته والدين کي به اهو سوچڻ گهرجي ته انهن جي ڌيءَ جي زندگي طلاق کان وڌيڪ اهم آهي هاڻ زمانو تبديل ٿي ويو آهي پهريان ته ڇوڪري کي اهو چيو ويندو هو ته  سندس لاش ساهورن جي گهر مان نڪرندو پهريان ڇوڪري کي ساهورن جي گهر والدين مرڻ لاءِ ڇڏي ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته طلاق وٺي نه اچجان، پر هاڻ ائين ناهي ٿيندو.


طلاق جي معاملي تي ڳالهيون ڪندي نورين چيو ته هاڻ زمانو تبديل ٿي ويو آهي هاڻ طلاق وٺڻ يا ٿي وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه نه رهي آهي. طلاق خوشي جي ڳالهه نه آهي پر انتهائي خوفناڪ آهي، پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ان تي دنيا ختم ناهي ٿيندي.