عمران عباس پنهنجي خوبصورت آواز ۾ نعتيه ڪلام پيش ڪري ڇڏيو

news-details

لاهور: (خميس: 14 مارچ 2024ع) پاڪستان جي ناليواري اداڪار عمران عباس پنهنجي خوبصورت آواز ۾ نعتيه ڪلام پيش ڪيو آهي.


انسٽاگرام تي اداڪار هڪ ننڍي وڊيو شيئر ڪئي جنهن م هو مشهور فارسي ڪلام پڙهي رهيو آهي.


ان نعتيه ڪلام کي مشهور فارسي شاعر عبدالرحمان جامي لکيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ام حبيبه جي پڙهيل نعت کي عالمي شهرت حاصل آهي.


عمران عباسي پوسٽ ۾ لکيو ته هو ان ڪلام کي ٻڌندي وڏو ٿيو آهي ۽ هڪ سياحتي ڪمپني جي ڀائيواري سان اها نعت پيش ڪئي پئي وڃي.