اسلام آباد: (ڇنڇر: 16 مارچ 2024ع) وفاقي سرڪار 3 صوبن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اها مهم 25 کان 28 مارچ تائين هلائي ويندي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته خصوصي پوليو مهم پازيٽو سيوريج سيمپلز وارن ضلعن ۾ هلائي ويندي. آئوٽ بريڪ رسپانس پوليو مهم پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۾ هلندي. 26 ضلعن ۾ 82 لک کان وڌيڪ ٻارن جي پوليو ويڪسينيشن ٿيندي.
ذريعن موجب بلوچستان جي 11، سنڌ جي 8، پنجاب جي 7 ضلعن ۾ پوليو مهم هلندي. فيصل آباد، قصور جي مخصوص شهرن ۾ پوليو مهم هلائي ويندي. گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، قمبر، ڊي جي خان، ملتان، راجن پور، اوڪاڙه، فيصل آباد، قصور، رحيم يار خان ۾ پوليو مهم هلائي ويندي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڊيره بگٽي، اوسته محمد، سبي، حب، چمن، خضدار، ڪيچ، لسبيله، صحبتپور، نصيرآباد، جعفرآباد ۾ پوليو مهم هلائي ويندي.