لاهور: (سومر: 25 مارچ 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي جي نئين سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ته ٿي ويو پر قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي جي ڪپتاني جي مستقبل جي حوالي سان بورڊ ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪري سگهيو.
آچر واري ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پي سي بي سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪيو .
محسن نقوي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران هن ٻڌايو ته سليڪشن ڪميٽي جي نيئن سر جوڙ جڪ ڪئي وئي آهي، ڪميٽي هاڻ ست ميمبرن تي ٻڌل هوندي ۽ ڪو به چيئرمين نه هوندو.
پريس ڪانفرنس دوران هلندڙ سال شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني بابت جڏهن پي سي بي چيئرمين کان سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته هو پاڻ نٿو ڄاڻي ته ٽيم جو ڪپتان ڪير هوندو، شاهين جي ڪپتاني کي جاري رکنداسين يا سندس جاءِ تي نئين ڪپتان جو اعلان ٿيندو ان حوالي سان سومر کان شروع ٿيندڙ فٽنس ڪئمپ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪپتاني جي حوالي سان کوڙ سارن ٽيڪنيڪي معاملن تي ويچاريو ويندو، جنهن جي تفصيل ۾ نه ويندس، پر اسان ڊگهي وقت لاءِ ڪپتان چاهيون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته شاهين هجي يا جو نئون ڪپتان اسان ان کي ڊگهو وقت ڏيڻ چاهيون ٿا ائين ناهي ته هڪ ميچ يا ٽورنامينٽ ۾ شڪست تي ڪپتان تبديل ڪري ڇڏيون.