لاھور: (جمعو: 05 اپريل 2024ع) عاليه رشيد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، سميع برني کي ٻيهر ڊائريڪٽر ميڊيا مقرر ڪيو ويو آهي، سميع برني کي عاليه رشيد کي استعيفيٰ کانپوءِ ذميواري ڏني وئي آهي.
سميع برني ان کان اڳ به پي سي بي جو ميڊيا ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي.
ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينئر اسپورٽس جرنلسٽ عاليه رشيد کي ميڊيا ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن مقرر ڪيو هو.
عاليه رشيد پي سي بي ۾ ميڊيا هيڊ طور ڪم ڪندڙ پهرين عورت ڊائريڪٽر هئي، هوءَ عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ ٽئين ڊائريڪٽر آهي، ان کان اڳ ڪمرشل ۽ ليگ ڊائريڪٽر به پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن.