مسافرن لاءِ خوشخبري: عيدالفطر جا 3 ڏينهن ريلوي جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان

news-details

لاهور: (اڱارو: 09 اپريل 2024ع) پاڪستان ريلوي مسافرن جي لاءِ سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي آهي، عيد جي 3 ڏينهن دوران ٽرين جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.


عيدالفطر جا 3 ڏينهن پاڪستان ريلويز طرفان ٽرين جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڀاڙن ۾ رعايت  سمورن مسافرن ٽرينن جي سمورين ڪلاسز جي لاءِ هوندي.


ٽرين ڀاڙن جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙي رعايت عيد اسپيشل ٽرينن تي نه هوندي. عيدالفطر جي 3 ڏينهن لاءِ اعلان ڪيل اها رعايت ڪرنٽ ٽڪيٽ تي لاڳو هوندي.