اسلام آباد: (اڱارو: 09 اپريل 2024ع) ڪراچي ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون وصول ٿي ويون پر حتمي فيصلو مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.
چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت جي آفيس ڪوهسار بلاڪ ۾ جاري آهي، جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪري رهيو آهي.
اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل ڪميٽي اسلام آباد جا ميمبر، موسميات کاتي، سپارڪو ۽ آءِ ٽي جا ماهر شامل آهن.