سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

news-details

ڪراچي: (ارنع: 10 اپريل 2024ع) سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي نماز جا هزارين اجتماع ٿيا ۽ عيد نماز کانپوءِ امت مسلمه ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون. ان کان علاوه آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت والاريل ڪشمير ۾ به عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. ڪراچي ۾ عيد نماز جو سڀ کان وڏو سرڪاري اجتماع پولو گرائونڊ ۾ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي ميئر ڪراچي وسيم اختر، مرزا اختر بيگ ۽ مرزا اشتياق بيگ پڻ پولو گرائونڊ ۾ عيد نماز ادا ڪئي ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس ۾ عيد نماز ادا ڪئي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي عزيز آباد ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي.