اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان جي گهرواري سان جيل ۾ ملاقات

news-details

راولپنڊي: (اربع: 10 اپريل 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان سندس گهرواري بشريٰ بي بي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي.


بشريٰ بي بي کي بني گالا مان سخت سڪيورٽي ۾ جيل آندو ويو جتي هن عمران خان سان ملاقات ڪئي.


ٻنهي وچ ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ جاري رهي ۽ اها ملاقات اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٿي.


پوليس بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان واپس بني گالا وٺي وئي.