عيدالفطر تي اسرائيلي بمباري جاري، اسماعيل بنيه جي 3 پٽن، پوٽن سميت وڌيڪ 125 فلسطيني شهيد

news-details

غزه: (خميس: 11 اپريل 2024ع) غزه ۾ اسرائيلي بربريت عيدالفطر تي به جاري آهي، وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل بنيه جي 3 پٽن ۽ پوٽن  سميت وڌيڪ 125 فلسطيني شهيد ٿي ويا.


عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ 125 فلسطيني شهيد ٿيا آهن جن ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل بنيه جا 3 پٽ ۽ پوٽا به شامل آهن. جڏهن ته بمباري جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهو به زخمي ٿي پيا آهن.


غزه ميڊيا آفيس طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف اسپتالن ۾ 125 شهيدن جا لاش آندا ويا آهن.


حماس سربراهه اسماعيل بنيه عرب ٽي وي سان ڳالهين ۾ پٽن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجا پٽ حازم، عامر ۽ محمد شمالي غزه ۾ واقع پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ پنهنجن ويجهن مائٽن سان عيد ملي رهيا هئا ته کين نشانو بنايو ويو.


اسماعيل بنيه ٻڌايو ته 3 پٽن سان گڏ منهنجا پوٽا به اسرائيلي بمباري ۾ اچي شهيد ٿي ويا آهن پر منهنجي پٽن جو رت فلسطيني عوام جي ٻارن جي رت کان وڌيڪ قيمتي نه آهي.


حماس سربراهه وڌيڪ چيو ته منهنجي خاندان تي حملو اسرائيلي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گهر ڀاتين کي نشانو بنائڻ جي باجود فلسطيني عوام جي اڳواڻي کان پوئتي نه هٽندس.