دهشتگردي جي ڪجهه واقعن ۾ گم ٿيل ماڻهو ملوث رهيا آهن: بلوچستان حڪومت

news-details

ڪوئيٽه: (جمعو: 12 اپريل 2024ع) بلوچستان حڪومت جي ترجمان پاران گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي بيان جاري ڪيو ويو آهي.


بلوچستان حڪومت جي ترجمان گم ڄاڻايل ماڻهن بابت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گم ڄاڻايل ماڻهن جا ڪيس ڪميشن وٽ هزارن جي انگ ۾ ناهن ۽ ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکيو پئي اچي.


ترجمان چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو ذميواري سان حل ڪرڻ اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي. جيڪڏهن ڪو خاندان سمجهي ٿو ته ان جي فيملي جو ڪو فرد گم آهي ته اهي ڪميشن سان رابطو ڪن.


ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو ملوث رهيا آهن جن جا نالا گم ٿيل ماڻهن واري پهرين لسٽ ۾ آهن.