اسلام آباد: (جمعو: 12 اپريل 2024ع) اقتصادي مامرن واري وفاقي وزير احد چيما چيو آهي ته ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي) آئوٽ لڪ رپورٽ حڪومت جي درست اقتصادي پاليسين جي منظوري آهي.
هڪ بيان ۾ احد چيما چيو ته اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ پاڪستان جي معيشت بابت هاڪاري امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ مستحڪم ۽ پائيدار معيشت لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، جنهن جي تصديق عالمي مالياتي ادارا پڻ ڪري رهيا آهن.
وفاقي وزير چيو ته مالي نظم ۽ ضبط بهتر بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، اسان جي معاشي سڌارن سان رپئي جي قدر مستحڪم ٿي، حڪومت اي ڊي بي جي سفارشن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.