عام ماڻهوءَ کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين: نواز شريف

news-details

اسلام آباد: (جمعو: 12 اپريل 2024ع) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عام ماڻهوءَ کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.


اڳواڻي وزيراعظم نواز شريف شاهه ڪوٽ مان چونڊجي آيل پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر رانا محمد ارشد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.


ان دوران گفتگو ڪندي ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ننڪانا شاهه ڪوٽ جي عوام کي مان سلام پيش ڪيان ٿو ، ننڪانه ۾ جلسي دوران جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ويندا.


ان وڌيڪ چيو ته ننڪانا ۾ تعليمي ادارا ٺاهي سموري صوبي ۾ خوشحالي جو دور واپس آڻينداسين ، نون ليگ نوجوانن ۽ عام ماڻهن کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي.