خيبرپختونخواهه: بونير ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، گهربل دهشتگرد مارجي ويو، 2 جوان شهيد

news-details

پشاور: (ڇنڇر: 13 اپريل 2024ع) سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ضلعي بونير ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن جي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران دهشتگردن جو اهم اڳواڻ سليم عرف رباني مارجي ويو  جڏهن ته 2 دهشتگرد زخمي ٿي پيا.


آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سليم عرف رباني سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۽ بي گناهه شهرين کان ڀته خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيو. دهشتگرد سليم عرف رباني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو، حڪومت ان جي مٿان 50 لک روپيه قيمت مقرر ڪئي هئي.


آپريشن دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. جن مان هڪ جو تعلق ضلعي راولپنڊي سان آهي جنهن 16 سالن تائين پاڪستان آرمي ۾ رهندي ملڪ جي دفاع جون ذميواريون سرانجام ڏنيون.


لانس نائيڪ حسيب جاويد شهيد جو تعلق آزاد ڪشمير جي ضلعي پونچهه سان آهي جنهن5  سالن تائين پاڪستان آرمي ۾ رهندي ملڪي دفاع جون ذميواريون سرانجام ڏنيون.