سڊني جي شاپنگ مال ۾ چاقو حملي ۾ ڇهه ڄڻا مارجي ويا،نَو زخمي

news-details

سڊني: (ڇنڇر: 13 اپريل 2024ع) آسٽريليا جي شهر سڊني جي شاپنگ مال ۾ موجود ماڻهن مٿان جوابدار چاقن سان حملو ڪري ڏنو.


پرڏيهي خابرو اداري موجب جوابدار جي حملي ۾ شاپنگ مال ۾ موجود ڇهه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.


سڊني پوليس موجب جوابدار جي شاپنگ مال ۾ حملي واري اطلاع تي عورت پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتي.


پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار عورت پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، حملي آور اڪيلو هيو، جنهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.