ايران جو اسرائيل تي حملو، 300 کان وڌيڪ ڊرونز ۽ بيلسٽڪ ميزائل فائر

news-details

تهران: (آچر: 14 اپريل 2024ع)  ايران ڊرونز ۽ بيلسٽڪ ميزائلن ذريعي اسرائيل تي حملو ڪري ڇڏيو آهي.


عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب دمشق ۾ ايراني ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران اسرائيل تي 300 کان وڌيڪ ڊرونز ۽ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا. ايراني پاسداران انقلاب اسرائيل تي حملي جي باضابطه تصديق ڪئي آهي.


ٻئي طرف اسرائيلي فوج ايران کان حملي جي تصديق ڪري ڇڏي. درجنين ڊرونز ۽ بيلسٽڪ ميزائل ايران مان روانا ٿيا ۽ اسرائيل جي لاءِ پنهنجو رستو ٺاهيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ايران پاڙيسري ملڪن کي به خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل تي فائر ڪيل ڊرونز ۽ ميزائلن کي روڪيو ويو ته انهن کي به نشانو بنائينداسين.


اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب ايران اسرائيل جي زمين طرف بنا پائلٽ جي جهاز روانا ڪيا پر جهازن کي اسرائيل تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳندا. هن چيو ته ڪيترن شهرن تي ايمرجنسي لڳائي ڇڏي آهي ڪوشش ڪنداسين ته ڊرونز ۽ ميزائلن کي اسرائيل جي زمين تائن پهچڻ کان روڪيو وڃي.


هوڏانهن هڪ اسرائيلي چينل دعويٰ ڪئي آهي ته  اسرائيل شام ۽ اردن تي ڪيل ڪيترن ئي ايراني ڊرونز کي نشانو بنائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.


ٻئي پاسي آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجون موڪلون ملتوي ڪري وائٽ هائوس پهچي ويو. قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي اجلاس ۾ انهن ايراني حملي جو جائزو ورتو. انهن کي ايراني حملي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.


آمريڪي صدر چيو آهي ته اسرائيل ۾ اسان جا هزارين ماڻهو  موجود آهن. اسان اسرائيل جي دفاع لاءِ تيار آهيون سندن هر قسم جي دفاعي مدد ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايران ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. ياد رهي ته ايراني حملي سبب پاڙيسري ملڪن پنهنجون  فضائي حدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.