اسلام آباد: (آچر: 14 اپريل 2024ع) اسرائيل تي ايراني حملي جي حوالي سان چين، فرانس، برطانيه، ڪينيڊا، جاپان ۽ گڏيل قومن جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.
ياد رهي ته ايران دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي حملي جو جواب ڏيندي اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪيا هئا. ايران اسرائيلي دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو. گولان جي پهاڙن ۽ شام ڀرسان اسرائيلي فوجين جي ٺڪاڻن کي به نشانو بنايو ويو.
ايراني حملن تي پنهنجي رد عمل ۾ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ چيو ته ايران ٻيهر ڏيکاري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي چوڌاري افراتفري وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته برطانيه اسرائيلي سلامتي جي لاءِ ساڻس گڏ بيٺل رهندو.
ان حوالي سان ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽسن ٽروڊو چيو ته ايران جي تازي ڪارروائي خطي کي غير مستحڪم ڪندي.
جاپاني پرڏيهي وزير چيو ته ايران جو حملو وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌائيندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن ڌرين کان فوري جنگبندي جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سان وڏي فوجي ٽڪراءُ جو امڪان هجي.
ٻئي طرف چين اسرائيل تي ايراني حملي سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. چين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ غزه تڪرار جي موجوده صورتحال کي اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي.
بيان ۾ سلامتي ڪائونسل جي اسرائيل حماس جنگبندي جي لاءِ قرارداد تي فوري عمل ڪرڻ تي زور ڏيندي ڌرين کان صبر جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.