سعودي وفد جو 17 اپريل تي پاڪستان جو دورو، 5 ارب ڊالر سرمائيڪاري جو امڪان

news-details

اسلام آباد: (آچر: 14 اپريل 2024ع) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود جي سربراهي ۾ سعودي سرمائيڪارن ۽ اقتصادي ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد 17 اپريل تي پاڪستان جو دورو ڪندو.


سعودي وفد پاڪستان ۾ ريڪوڊيڪ، دياميرڀاشاڊيم، ننڍين آئل ريفائنريز جي واڌ سميت مائيننگ ۽ سياحت جي شعبن ۾ پنج ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري جي لاءِ اجلاس ڪري روڊ ميپ طئي ڪندو.


ٻن هفتن کان پوءِ مئي ۾ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جو به پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي جنهن جي دوران معاهدن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ پاڪستان ۾ سعودي سرمائيڪاري جي شروعات ٿي ويندي.


پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ حڪومت طرفان ڪوششون رنگ آڻينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون.


ملاقات ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي تحت تشڪيل ڏيندڙ فيسيليٽيشن ڪونسل جي ڪوششن جو فالواپ هو جنهن ۾ هاڻ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پنج ارب ڊالر جي سرمائيڪاري جي لاءِ سعودي عرب جو اهو اعليٰ سطحي وفد جنهن ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير کان علاوه سعودي سرمائيڪاري جو وزير خالد الفيصل خالد، صنعت وارو وزير، توانائي واري وزير سميت ٻيا وزير، سرمائيڪار ۽ اقتصادي ماهر شامل هوندا.


وفد پاڪستاني هم منصبن سان ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي، چنيوٽ ۾ مائيننگ منصوبي، خيبرپختونخواهه ۾ 2 سياحتي زون ٺاهڻ جي منصوبن، ريڪوڊيڪ جي هڪ ارب ڊالر جا شيئر خريد ڪرڻ، تيل جي صفائي لاءِ ننڍين آئل ريفائنريز جي منصوبن ۾ واڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مائننگ جي ٻن ليزيز جي منصوبن تي ڳالهيون ۽ معاهدا ڪندو.


سعودي وفد پاڪستان ۾ منصوبن ۽ سرمائيڪاري جي حوالي سان معاهدن جو شروعاتي ڪم مڪمل ڪندو ته ٻن هفتن کان پوءِ مئي جي پهرين يا ٻئي هفتي ۾ محمد بن سلمان جي به پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي جنهن جي پهچڻ تي سرمائيڪاري جي منصوبن تي باقاعده معاهدن کي حتمي شڪل ڏئي پاڪستان ۾ سعودي سرمائيڪاري شروع ڪئي ويندي جيڪا پاڪستان جي لاءِ اقتصادي ميدان ۾ وڏي ڪاميابين جو سبب بڻجندي.