ايران جا ڊرون ۽ ميزائل ناڪام بنائڻ تي اسرائيل جا هڪ ارب، 35 ڪروڙ ڊالر خرچ ٿي ويا

news-details

تل ابيب: (سومر: 15 اپريل 2024ع) ايران جا ميزائل ۽ ڊرون ناڪام بنائڻ اسرائيل کي مهانگا پئجي ويا. اهڙي ڪارروائي کي ناڪام بنائڻ تي اسرائيل جا هڪ ارب، 35 ڪروڙ ڊالر جو خرچ ٿيو. پاڪستاني روپين ۾ اها رقم 378 ارب روپيه بڻجي ٿي.


اسرائيلي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بنائڻ واري هڪ ايرو ميزائل جي قيمت 35 لک ڊالر ۽ ميجڪ وانڊ ميزائل جي قيمت 10 لک ڊالر آهي.


رپورٽن موجب حملو ناڪام بنائڻ جي لاءِ استعمال ٿيل جهازن جو خرچ به انهي ۾ شامل آهي. ياد رهي ته ايران 2 ڏينهن اڳ 300 کان وڌيڪ ميزائل ۽ ڊرونز ذريعي اسرائيل تي حملو ڪيو هو. جنهن ۾ ڪيترن ئي حدفن کي نشانو بنايو ويو هو. جڏهن ته اسرائيلي فوجي درجنين ايراني ميزائل ۽ ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.