جان محمد مهر قتل ڪيس، جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

news-details

سکر: (اڱارو: 16 اپريل 2024ع) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ۽ ضمانت تي آزاد ڇهه جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.


قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج عبدالرحمان قاضي موڪل تي هجڻ سبب ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن ماستر بشير مهر، شيرمحمد شيخ، محمد رمضان شيخ ۽ ضمانت تي آزاد ٽن جوابدارن بخشيل مهر، بابر مهر ۽ منور مهر مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي.


جوابدارن مٿان 24 اپريل تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.