ڪراچي ۾ ڏوهن جون وڌندڙ وارداتون، ايڊيشنل آءِ جي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

news-details

ڪراچي: (اڱارو: 16 اپريل 2024ع) سنڌ حڪومت جاويد عالم اوڍي کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هو اڳ به ايڊيشنل آءِ جي جي عهدي تي ڪم ڪري چڪو آهي.


ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جاويد عالم اوڍي کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويندو.


جاويد عالم اوڍو اڳ به ايڊيشنل آءِ جي جي عهدي تي ڪم ڪري چڪو آهي، خادم حسين رند کانپوءِ عمران يعقوب کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو هو.