ڄامشورو: مانجهند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ روڊ حادثو، 7 مسافر فوت، 35 کان وڌيڪ زخمي

news-details

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي)  مانجهند ڀرسان ڄامشورو_ سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي 20 دري وٽ تيز رفتاري سبب 3 گاڏين ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 مسافر فوت جڏهن ته 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.


رات دير سان لاڙڪاڻي کان ڪراچي ڏانھن ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ڄامشورو کان سيوھڻ طرف ويندڙ آئل ٽئنڪر ۾ ٽڪر ٿي پيو،  تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر دوران مزدا مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 7 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 35 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، اهڙي اطلاع تي حادثي واري وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهن پھچي زخمين کي پنھنجي مدد پاڻ تحت گاڏين مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، حادثي جي ھڪ ڪلاڪ بعد ريسڪيو ٽيم 1122 حادثي واري هنڌ پھتي ۽ زخمين کي مانجهند تعلقي اسپتال، سيوهڻ تعلقي اسپتال، لمس اسپتال ڄامشورو، ڪوٽڙي تعلقي اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد طرف منتقل ڪيو،


اطلاع تي حادثي واري هنڌ تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز  پهتو، ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز پاران 7مسافر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، زخمين ۾ عورتون ٻارڙا ۽ مرد شامل آھن، زخمين جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي واسي واجد، ذوالقرنين، ياسين، جنت، فرحان، امتياز، فيصل، ظھير، دعا، بتول، شعبان، عظمي'، غلام صغري'، مھتاب، فھيم، علي گوھر، منظور، غلام الله، راجا، احسان، سجاد، وقار، زاھد ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ھڪ فوتي جي سڃاڻپ باڊھ واسي حاجن پٽ نظير ڦلپوٽو ۽ پپن طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.


فوتين ۾ ٽينڪر ڊرائيور به شامل آهي، ڪوچ سوار فوتين ۽ زخمين جو تعلق لاڙڪاڻي سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته مانجھند انڊس هاءِ وي تي 20 دري وٽ حادثي جو شڪار ٿيا. ايڌي رضاڪارن موجب حادثي ۾ فوت ٿيل 7 ڄڻن مان چئن ڄڻن جا لاش تعلقي اسپتال مانجهند ۽ ٽن ڄڻن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، فوتين مان باڊهه واسي حاجن پٽ نظير ڦلپوٽو جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.


ٻئي پاسي حادثي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، اطلاعات جي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ نوٽيس ورتو آهي،  انهن حادثي جو شڪار فوتين جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪندي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپن عملدارن کان حادثي جا تفصيل طلب ڪيا آهن، ان کانسواءِ ڄامشورو پوليس کي روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ھدايت ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ سندن چوڻ هو ته ڄامشورو حادثي جي زخمين کي بھتر سھولتون ڏنيون وڃن، ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي.