ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ ٺاهيو ويو: بيرسٽر گوهر

news-details

راولپنڊي: (اربع: 17 اپريل 2024ع)  پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ غيرقانوني ٽرائيل کي عدالت جي سامهون رکنداسين جيئن جيئن گواهه ايندا ويندا خبر پوندي ته ڪيس انتقام جو نشانو بنائڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي.


پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ميڊيا کي ٻڌڻي دوران اندر اچڻ نه ڏنو ويو، اهو سڀ ڪجهه غيرقانوني ۽ غير آئيني ٿي رهيو آهي.


بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس سياسي انتقام جو ڪيس آهي، پي ٽي آءِ باني بهاوالنگر واقعي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، جڏهن پي ٽي آءِ باني جي گهر جا دروازا ٽوڙيا ويا تڏهن ڪنهن به معافي نه گهري.


هن وڌيڪ چيو ته 3 مهينن کان سپريم ڪورٽ کان پٽيشن ٻڌڻ جي استدعا ڪري رهيا آهيون ته اسان جي ڪيسز کي ٻڌڻي جي لاءِ لڳايو وڃي، اسان جي پٽيشن کي اڃان تائين ناهي ٻڌو ويو، جج صاحب شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽر کان بشريٰ بي بي جو چيڪ اپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.


پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته ڪڏهن به نه لڪائينداسين، ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي صحت ۽ سيڪيورٽي جي باري ۾ خدشا آهن، پي ٽي آءِ باني چيو ته جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته اهي ئي ماڻهو ذميوار هوندا.


بيرسٽر گوهر چيو ته اسان هميشه چيو ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. اسان جو 6 پارٽين سان الائنس ٿي ويو آهي، اسان جون ڪنهن به اداري سان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، پي ٽي آءِ باني ڪڏهن به ڪنهن اداري جي خلاف نه ڳالهايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي جلسن جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، ان جي باوجود اسان ڪنوينشن ۽ ريليون ڪڍنداسين.