سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ جو سلسلو جاري، سوين رُپيا مهانگو

news-details

ڪراچي: (اربع: 17 اپريل 2024ع) پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ به سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.


ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ مسلسل واڌ جاري آهي، في تولي سون جي قيمت 2200 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 51 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.


ان کانسواءِ ڏهه گرام سون 1887 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 15 هزار 964 رپين جو ٿي ويو آهي.


عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالر واڌ بعد 2392 ڊالرز آهي.