رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جاري

news-details

ڪراچي: (اربع: 17 اپريل 2024ع) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.


اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 40 پئسا آهي.


هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 11 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ 279 رپيا 57 پئسا آهي.