فائونڊيشن سيڊ سيل ريگيوليٽري ڪميٽي سارين ۽ وونئڻن جي ٻجن جي اگهن جي منظوري ڏئي ڇڏي

news-details

حيدرآباد: (اربع: 17 اپريل 2024ع) فائونڊيشن سيڊ سيل ريگيوليٽري ڪميٽي سارين ۽ وونئڻن جي ٻجن جي اگهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.


ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ۾ ايگريڪلچر ريسرچ جي انتظام هيٺ فائونڊيشن سيڊ سيل ريگيوليٽري ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڊي جي زرعي تحقيق سنڌ نور محمد بلوچ، سنڌ آبادگار بورڊ جي سينئر نائب صدر سيد نديم شاهه، نواز احمد نظاماڻي، ايوان زراعت سنڌ جي  اڳواڻ نبي بخش سٺيي ۽ زرعي تحقيق سنڌ ۽ زرعي توسيع کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.


گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ سارين ۽ وونئڻن جي ٻجن جي موجودگي ۽ انهن جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت غور ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ اتفاقِ راءِ سان پوک لاءِ ٻجن جي اگهن جي منظوري ڏني وئي، جنهن موجب سارين جي پري بيسڪ ٻج جو اگهه 8500 روپيا في مڻ، بيسڪ ٻج جو اگهه 7500 روپيا في مڻ ۽ سرٽيفائيڊ ٻج جو اگهه 6500 روپيافي مڻ مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت وونئڻن جي پري بيسڪ ٻج جو اگهه 32 هزار روپيا، بيسڪ ٻج جو اگهه 30 هزار روپيا ۽ سرٽيفائيڊ ٻج جو اگهه 28 هزار روپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.


گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته سارين ۽ وونئڻن جو ٻج وڏي مقدار ۾ موجود آهي، عالمي قانون موجب 30 سيڪڙو سرٽيفائيڊ ٻج ملي سگهندو ۽ باقي ٻج آبادگار ٻين ذريعن کان حاصل ڪري سگهندا. سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک جو ٽارگيٽ 6 لک 20 هزار هيڪٽر، سارين جي پوک لاءِ 8 لک هيڪٽر  ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو.