اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن، 100 انڊيڪس ۾ 150 پوائنٽن جي گهٽتائي

news-details

ڪراچي: (اربع: 17 اپريل 2024ع) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو.


اسٽاڪ ايڪسچيج جو 100 انڊيڪس 150 پوائنٽ گهٽجي 70333 تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ انڊيڪس 688 پوائنٽس تي بينڊ ٿيندو رهيو.


مارڪيٽ ۾ اڄ 44 ڪروڙ شيئرز جا سودا 16 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 17 ارب رپيا گهٽجي 9795 ارب رپيا رهي.