بشريٰ بي بي جي بني گالا سب جيل کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال

news-details

اسلام آباد: (خميس: 18 اپريل 2024ع) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي بني گالا سب جيل کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست کي بحال ڪيو ويو آهي.


اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.


عدالت درخواست تي سومر 22 اپريل تي حتمي دليل طلب ڪري ورتا آهن. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2 ڏينهن اڳ درخواست پيروي نه ڪرڻ تي رد ڪري ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ سندس وڪيلن ساڳئي ڏينهن پٽيشن بحال ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي.