پشين ۾ جي يو آءِ جو جلسو، انتظاميا ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

news-details

پشين: (خميس: 18 اپريل 2024ع) پشين ۾ جي يو آءِ جي جلسي کان اڳ انتظاميه ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.


ڊپٽي ڪمشنر موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ٿريٽ الرٽ وصول ٿيو آهي، اڻڄاتل دهشتگرد جي يو آءِ جي جلسي کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، ٿريٽ الرٽ کان صوبائي امير مولانا عبدالواسع کي آگاهه ڪري چڪا آهيون.


ڊي سي جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ قيادت امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جلسو ملتوي ڪري.


ياد رهي ته 20 اپريل تي مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ پشين ۾ جلسو ٿيڻو آهي.