ڪوئيٽه ۾ زلزلي جا لوڏا، 3.5 شدت رڪارڊ

news-details

ڪوئيٽه: (خميس: 18 اپريل 2024ع) ڪوئيٽه ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت 3.5 رڪارڊ ٿي. زلزلي جي اونهائي 58 ڪلوميٽر، جڏهن ته شدت 3.5 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ڪوئيٽه کان 4 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه هو. رپورٽن موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.