غوثپور: مائيڪرو فنانس بئنڪ جا 5 ملازم مبينا اغوا

news-details

غوثپور: (خميس: 18 اپريل 2024ع) غوثپور ڀرسان مائيڪرو فنانس بئنڪ جا 5 ملازم مبينا اغوا ٿي ويا آهن.


وارثن جو چوڻ آهي ته دڙي ويجهو انڊس هاءِ وي وٽ ڌاڙيل چئني ملازمن کي اغوا ڪري ويا. اهڙي اطلاع باوجود پوليس ڌاڙيلن پويان نه وئي.


مغوين ۾ الطاف گولو، گلاب ڏاهاڻي، فرمان لانگاهه، شاهنواز نصيراڻي ۽ محمد عالم گولو شامل آهن.


جڏهن ته الطاف حسين گولو ريجنل مينيجر، گلاب ڏاهاڻي ۽ فرمان لانگاهه لون آفيسر، شاهنواز نصيراڻي گارڊ ۽ محمد عالم گولو ڊرائيور آهي، پنج ئي ڄڻا بينڪ ٽائيم کان پوءِ ڳوٺن ۾ لون اڳاڙي لاءِ نڪتل هئا.


هوڏانهن بينڪ جا سڀني ملازمن جا نمبر بند آهن، جيڪي جمني گاڏي سميت گم ٿي ويا آهن. پنج ئي ڄڻا غوثپور ۽ جمال واري علائقي مان گم ٿي ويا آهن.


وارثن پاران نمبر بند هجڻ ڪري اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي پڻ  اطلاع ڪيو ويو آهي.