سلمان خان جي گهر تي فائرنگ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار خودڪشي ڪري ڇڏي

news-details

نئين دهلي:(اربع: 01 مئي 2024ع) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار پوليس جي حراست ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي.


ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار پوليس جي حراست ۾ خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جٿي هن علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.


ياد رهي ته جوابدار جي سڃاڻپ 32 سالن جي انوج ٿاپن جي نالي سان ٿي، جنهن کي ممبئي ۾ سلمان خان جي گهر ٻاهريان فائرنگ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جو بندوبست ڪرڻ جا الزام هئا.


ممبئي پوليس ڪيس جي جاچ ڪندي پهرين جوابدار وڪي گپتا ۽ ساگر ڀارتي رياست گجرات جي علائقي بهوج وٽان گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کان بعد انوج ٿاپن کي هڪ ٻئي جوابدار سونو سڀاش چندر سان گڏ 25 اپريل تي ڀارتي رياست پنجاب مان گرفتار ڪيو ويو.