سنڌ ايپڪس ڪميٽي اجلاس: ٻارن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن تي سخت نظر رکڻ جو فيصلو

news-details

ڪراچي: (خميس: 02 مئي 2024ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻارن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن تي سخت نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.


سنڌ جي وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو اجلاس گذريل ايپڪس ڪميٽي اجلاس جو حصو آهي، صدر آصف زرداري امن امان تي ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ڪيو. صدر ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪرڻ ۽ منشيات جي خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.


مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف زرداري  زمينن تي قبضن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل قرار ڏنو آهي، صدر زرداري جي حڪمن تي سنڌ حڪومت مڪمل طور عمل ڪندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن جي بحالي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائمز ۽ اغوا براءِ تاوان جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهي آهي، سنڌ حڪومت ڊرگ مافيا ۽ اسمگلنگ جي خلاف به ڪم ڪري رهي آهي.


اجلاس ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪس شرجيل انعام ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ هڪ نائيجيرين کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڪريڪ ڊائون دوران 3 منشيات فروش مقابلي ۾ مارجي ويا.


شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات جي ڪاروبار بابت 164 ڪيس داخل ڪيا ۽ 166 گرفتاريون ٿيون آهن. ڪريڪ ڊائون ۾ 4.3 ڪلو گرام هيروئن، 419.472 ڪلو گرام چرس ۽ 1200 ڪلو گرام ڀنگ هٿ ڪئي وئي.


سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ منشيات کان ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن تي سخت نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن نارڪو ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ٻين صوبن ۽ وفاقي ادارن سان ملي آپريشن تيز ڪري.


سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته گهرو وزير محسن نقوي سان رابطي ۾ آهيون، جڏهن ته ڪورڪمانڊر ڪراچي چيو هو ته منشيات جي خلاف آپريشن ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪئي ويندي.