وڏين گاڏين ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

news-details

ڪراچي: (خميس: 02 مئي 2024ع) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو وڏين وڏين گاڏين ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندا آهن انهن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.


ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي ته سخت کان سخت ڪارروائي ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسڪولن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن جي حوالي سان قانونسازي ڪئي ويندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت منشيات جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.


هن چيو ته منشيات فروشن جا خراب ڏينهن شروع ٿي ويا آهن جيڪڏهن هو نه مڙيا ته  سندن حشر خراب ٿيڻ وارو آهي. غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا آهن جتي انهن تحفظ ورتو آهي انهن جڳهين جي مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.


شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي پوليس آفيسر تي حملي جو هڪ جوابدار مدرسي جو معلم هو، ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح جي حملي ۾ معلم جو ملوث هجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.


هن چيو ته صدر آصف علي زرداري چٽيون هدايتون ڏنيون آهن ته ڌاڙيلن جو ڪوبه سهولتڪار هجي انهي سان نرمي نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته ڪوبه ڏوهاري جي سرپرستي ڪندو ته ان جي خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو.


اسٽريٽ ڪرائم تي پوليس ۽ رينجرز ڪارروايون ڪري رهي آهي، پوليس نيڪ نيتي سان وزيراعليٰ جي هدايتن موجب محنت ڪري رهي آهي. پرڏيهين جي خلاف به قومي پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.