نيوسعيدآباد: ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، ڊي آئي جي حيدرآباد نوٽيس وٺي ڇڏيو، رپورٽ طلب

news-details

نيوسعيدآباد:(رپورٽ:واجد ملاح (نيوسعيداباد ڀرسان ديھ ڳاھوٺ ۾ ٽن ڦورن موٽر سائيڪل سوار کان ڦر دوران مزاحمت تي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو تفصيل  موجب نيوسعيدآباد ڀرسان ديھ ڳاھوٺ جي وزير رند ڳوٺ جو رھواسي شوڪت رند ۽ امام بخش رند پراڻي سعيدآباد کان ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته رستي ۾ ٽن ھٿياربندن کين روڪيو ۽ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي ھٿياربندن گوليون ھلائي ھڪ ڳوٺاڻي شوڪت رند کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته مارجي ويل سان گڏ هڪ ٻيو نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو.


ڦر جي واردات دوران هٿياربند ڦورن هٿان قتل ڪيل نوجوان شوڪت رند جي قتل واري واقعي جو ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي نيوسعيدآباد سيد واحد علي شاھ کان رپورٽ طلب ڪندي قتل ۾ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ٻئي پاسي قتل ڪيس نوجوان جو قتل ڪيس به داخل نه ٿي ڪيو ويو آهي، مقتول نوجوان جي جنازي نماز ڳوٺ وزير رند ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ نيوسعيدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق منگي، الھ يار ٻلال سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڊي ايس پي نيوسعيدآباد سيد واحد علي شاھ موجب واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ تحقيقات ڪئي پئي وڃي، کوجي ڪتن جي مدد سان ڦورن جي ڳولا جاري آهي جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.


مقتول جي وارثن موجب اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي اسان جي نوجوان کي بنان ڪنهن سبب جي قتل ڪيو ويو آهي، هنن گهر ڪئي ته قتل ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.