جماعت اسلامي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ پنجاب ۽ وفاق کي 4 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي

news-details

ڪراچي: (خميس: 02 مئي 2024ع) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پنجاب ۽ وفاقي حڪومت کي چئن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا جيڪڏهن چئن ڏينهن ۾ ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي وئي ته وزيراعليٰ آفيس جي ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين.


جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان خاموش نه رهنداسين، اها مافيا آهي انهن جي اڳيان خاموش رهنداسين ته هي ملڪ کي ڦري کائي ويندا، جماعت اسلامي جا عهديدار هارين جي تنظيمن سان رابطو ڪندا.


حافظ نعيم الرحمان چيو ته 6 مئي تائين جيڪڏهن پنجاب حڪومت پنهنجو فيصلو تبديل نٿي ڪري ته پوءِ اسان اڳيان وڌنداسين، هڪ خاندان پنجاب، هڪ خاندان سنڌ بلوچستان تي قبضو ڪري ورتو آهي، چاچو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ته ڀائٽي ٻئي ڳالهه ڪري رهي آهي.


جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت هارين جي خلاف حرڪت ۾ اچڻ جي بجاءِ ڪچي جي ڌاڙيلن جي خلاف حرڪت ۾ آئي آهي.